سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ عيدالفطفر نهايت مذهبي جوش، جذبي ۽ عقيدت سان ملهائي پئي وڃي

lahore-eid-26617

سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ عيدالفطفر نهايت مذهبي جوش، جذبي ۽ عقيدت سان ملهائي پئي وڃي، مختلف شهرن ۾ عيد نماز جا وڏا اجتماع منقعد ڪيا ويا، جڏهن ته مٽن مائٽن، دوستن ۽ پاڙيسرين پاران هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي عيد جون واڌايون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

عيد جي پر مسرت موقعي تي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو، ٺٽو، بدين، سانگهڙ، ڪنڌڪوٽ، نوابشاهه، قمبر شهدادڪوٽ سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا  وڏا اجتماع ٿيا.

صدر ممنون حسين اسلام آباد، وزير اعظم نواز شريف بهاولپور ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نوابشاهه ۾ عيد نماز ادا ڪئي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه، پ پ اڳواڻ نثار کهڙي ۽ ٻين نئين ديري ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪوهستان ۾ عيد نماز ادا ڪئي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*