بهاولپور ويجهو احمد پور شرقيه ۾ ٽئنڪر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سڙي فوت ٿيل 150 ماڻهن مان 8 ڄڻن جي تدفين آلين اکين سان ڪئي وئي

Bahwalpur-Accident-tanker-fire-death-26617

بهاولپور ويجهو احمد پور شرقيه ۾ ٽئنڪر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سڙي فوت ٿيل 150 ماڻهن مان 8 ڄڻن جي تدفين آلين اکين سان ڪئي وئي، 140 کان وڌيڪ لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي پئي وڃي.

گذريل ڏينهن احمد پور شرقيه ۾ ڪلٽي ٿيل آئل ٽئنڪر جو هاريل تيل کڻڻ دوران باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سڙي ويل 150 ڄڻن مان 10 ڄڻن جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا هئا.

فوتين جي تدفين ۾ علائقي واسين کانسواءِ سرڪاري عملدارن به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هر پاسي آهون ۽ دانهون هيون.

حادثي ۾ فوت ٿي ويل 140 کان وڌيڪ لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي پئي وڃي، سڃاڻپ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*