ريلويز واري وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائي پئي وڃي

khuwaja saad tweet

ريلويز واري وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائي پئي وڃي، نوازشريف کي معاشي ڌماڪو ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، عالمي طاقتن جي راند پراڻي آهي پر هن ڀيري گڏا نوان آهن.

خواجا سعد رفيق ٽوئٽ ڪندي چيو ته نواز شريف کي سي پيڪ ذريعي معاشي ڌماڪو ڪرڻ سبب سزا ڏيڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

هن لکيو آهي ته عالمي طاقتن جي راند پراڻي آهي پر گُڏا نوان آهن، تاريخ پاڻ کي ورجائي رهي آهي.

خواجا سعد رفيق جو وڌيڪ چوڻ آهي ته قوم مستحڪم ٿيندڙ پاڪستان خلاف سازشون ڪندڙن کي سڃاڻي وٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*