پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ جي رڪٿام بابت عملدرآمد رپورٽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي

Maleeha-Lodhi-231116

پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ جي رڪٿام بابت عملدرآمد رپورٽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، مليحه لوڌي جوچوڻ آهي ته پاڪستان جوهري هٿيارين جي روڪٿام واري عالمي ڪوششن ۾ برابر جو شريڪ آهي.

نيويارڪ ۾ گڏيل سلامتي واري ڪائونسل پاران جوهري هٿيارن جي روڪٿام لاءِ تخفيف واري اجلاس دوران پاڪستان عملدرآمد بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ مليحه لوڌي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته پاڪستان نيوڪليئر سپلائير ميمبرشپ جي اهليت رکي ٿو.

مليحه لوڌي جوچوڻ هو ته جوهري هٿيارن جي ڊوڙ ۾ تخفيف اسلحي جي ڪوشش کي نقصان رسندو.

مليحه لوڌي جوچوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ جوهري هٿيارن جي روڪٿام بابت عالمي ڪوششن ۾ برابر جو شريڪ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*