ميرپور خاص ويجهو ڊاٽسن ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ٻن ڀائرن سميت4 ڄڻا فوت ٿي وياآهن

mirpurkhsa map

ميرپور خاص ويجهو ڊاٽسن ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ٻن ڀائرن سميت4 ڄڻا فوت ٿي وياآهن.

ميرواهه روڊ جي لغاري اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل جو سامهون ايندڙ ڊاٽسن سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ موٽر سائيڪل سوار 4 نوجوان مُصدق لغاري سندس ڀاءُ مُقدس ولد نظام الدين لغاري۽ شهبازولد محسن لغاري ٿڏي تي فوت ٿي ويا۽ حارث لغاري زخمي ٿي پيو.

زخمي کي حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو.

فوتي ڊگهڙي جي ڳوٺ فقير غلام علي لغاري جا رهواسي هئا، موٽر سائيڪل تي ميرپور خاص وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

ٻُڌايو وڃي ٿو ته فوتي مصدق ۽ سندس ڀاءُ مقدس سنڌزرعي يونيورسٽي جا شاگردهئا.

 چارنوجوانن جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي علائقي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*