ڪاڇي واري علائقي ۾ نوجوان بليڊ سان پنهنجو ڳلو ڪپي ڇڏيو

johi nojawan galo katan

ڪاڇي واري علائقي ۾ نوجوان بليڊ سان پنهنجو ڳلو ڪپي ڇڏيو، جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو، جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

ڪاڇي جي ڳوٺ قصبو ۾ 26 سالن جي نوجوان ياسين لغاري ڏاڙهي لاهڻ جي بهاني گهر اندر  بليڊ جا جهير ڏئي پنهنجو ڳلو ڪاٽي ڇڏيو، سندس رڙين تي گهر ڀاتي کيس بيهوشي واري حالت ۾ تعلقي اسپتال جوهي  پهچايو.

نوجوان ياسين جي ماسات رستم لغاري جو چوڻ آهي ته ياسين جو گهڻي وقت کان ذهني توازن درست ناهي هو مختلف وقتن تي پاڻ کي نقصان ڏيندڙ ڪم ڪندو رهندو آهي اڄ به هن ڏاڙهي لاهڻ جي بهاني سان پنهنجو ڳلو ڪپيو  آهي.

جوهي اسپتال  جي  ڊاڪٽر سڪندر جمالي جو چوڻ آهي ته ياسين کي 14 ٽانڪا لڳايا ويا آهن ۽ سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*