دهشتگردي ٽوڙ عدالت 12 مئي واقعي جي الزام هيٺ جوابدار رفيق کي جسماني رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو

ڪر اچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 12 مئي واقعي جي الزام هيٺ جوابدار  عبدالرفيق راجپوت کي 90 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

رينجرز سخت سيڪيورٽي ۾ 12 مئي واقعي جي جوابدار  عبدالرفيق راجپوت کي رمانڊ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت رينجرز جي درخواست تي عبدالرفيق راجپوت کي 90 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

رينجرز عبدالرفيق راجپوت کي گذريل ڏينهن محمود آباد واري علائقي مان گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي هئي.

عبدالرفيق راجپوت ايم ڪيو ايم جي محمود آباد جو سيڪٽر انچارج آهي.

رينجرز موجب عبدالرفيق راجپوت 12 مئي واقعي ۾ ملوث آهي، جنهن ڏوهه جو به اعتراف ڪيو آهي.

رينجرز موجب رفيق راجپوت هٿيار لڪائي رکيا هئا، جيڪي بدامني لاءِ استعمال ٿيندا هئا ۽ جوابدار پاڻ کي لڪائڻ لاءِ بئنڪ ۾ نوڪري به ورتي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*