سنڌ ھاري مزدور جدوجھد طرفان ملڪ ۾ زرعي سڌارا آڻي زمينون بي زمين ھارين کي ڏيڻ سميت مختلف مطالبن جا مڃتا لاءِ

sindhri hari longmarch

سنڌ ھاري مزدور جدوجھد طرفان ملڪ ۾ زرعي سڌارا آڻي زمينون بي زمين ھارين  کي ڏيڻ سميت مختلف مطالبن جا مڃتا لاءِ گذريل ڏينھن کپرو کان نڪتل پيادل مارچ جو سنڌڙي پهچڻ تي شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.

 کپرو کان ڪانجي راڻو ڀيل، ڌرمون خانواڻي، عورت اجو ڪولھڻ، وڪيل تلوڪ چند ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ھارين ۽ مزدورن جو لانگ مارچ سنڌڙي پھتو جتي شھرين پاران ان جي شاندار آجيان ڪئي وئي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو  ته ملڪ ۾ زرعي سڌارا آڻي زمينون بي زمين ھارين ۾ 16ـ 16 ايڪڙ ھر ھاري کي ورھائي ڏني وڃي، زراعت کي صنعت جو درجو ڏنو وڃي، سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ مثبت سڌارا آندا وڃن ۽ ھاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃن.

هنن اهو به مطالبو ڪيو ته سمورن ھارين کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*