تفريحي ماڳ مري جي ڇَرا پاڻي واري علائقي ۾ چيئر لفٽ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 11 سياح فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي

murree chairlift

تفريحي ماڳ مري جي ڇَرا پاڻي واري علائقي ۾ چيئر لفٽ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 11 سياح فوت  ٿي ويا ۽ هڪ  ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، وڏي وزير شهباز شريف واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

تفريحي ماڳ مري جي ڇَرا پاڻي واري علائقي ۾ ڪيترائي فوٽ مٿي ڪيبل تي هلندڙ  چيئرمين لفٽ تار ٽٽڻ سبب ڪري پئي.

چيئر لفٽ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ان ۾ سوار 11 سياح فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

حادثي بعد امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي کي چيئرمين لفٽ مان ڪڍي اسپتال پهچايو، جتي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

وڏي وزير شهباز شريف جو چوڻ هو ته لفٽ ڪرڻ واري واقعي جي درست نموني جاچ ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

وزير اعظم نواز شريف به لفٽ ڪرڻ ۽ 11 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*