پارا چنار ۾ ڌماڪن کانپوءِ متاثرن ۽ شهرين پاران 7 ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي

parachinar

پارا چنار ۾ ڌماڪن کانپوءِ متاثرن ۽ شهرين پاران 7 ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، وزير اعظم نوازشريف پاراچنار ڌماڪن جي شهيدن جي وارثن لاءِ 10-10 لک ۽ زخمين کي 5-5 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پارا چنار ڌماڪن جي متاثرن ۽ شهرين پاران 7 ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، جن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شامل آهن.

ڌرڻو هڻي ويٺل وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ ٻين اعليٰ عملدارن  جي ڌرڻي واري هنڌ آمد جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

وزيراعظم  پارا چنار ڌماڪن ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ مالي مدد جو اعلان ڪيو آهي.

وزير اعظم نواز شريف ڌماڪن ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن کي 10-10 لک رپيا ۽ زخمين کي 5-5 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي فوري طور رقم جار ي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*