فنڪشنل ليگ جي صدر صدر الدين شاهه راشدي چيوآهي ته ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ ٻين جو اتحاد جوڙي پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾شڪست ڏني ويندي

saddaruddin shah

فنڪشنل ليگ جي صدر صدر الدين شاهه راشدي چيوآهي ته ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ ٻين جو اتحاد جوڙي پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾شڪست ڏني ويندي ۽ صوبي جو ايندڙ وڏو وزير  به پ پ مخالف اتحاد جو هوندو، صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته فنڪشنل ليگ وڏ وزارت جا خواب نه ڏسي، کين سانگهڙ ۾ به شڪست ملندي.

خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صدرالدين شاهه راشدي چيو ته پاناما ڪيس جي جاچ  جوڙيل جي آءِ ٽي عوامي اُمنگن تي پوري لهندي ۽ فيصلو قانون جي پاسداريءَ سان سامهون ايندو.

 هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ مخالف ووٽ وڌيڪ آهي جنهن لاءِ فنڪشنل ليگ  سمورين مخالف ڌر جي پارٽين سان گڏجي الائنس جوڙيندي ۽  ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جو وڏو وزير ان اتحاد جو هوندو.

 هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار آهي، ان کي تڪراري نه بڻايو وڃي ۽ نه وري اليڪشن ڪميشن حڪمرانن جي چنبي ۾ اچي چونڊن کي تڪراري بڻائيندي.

 سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو ته پ پ مفاد پرستن جو ٽولو آهي ۽ اها هاڻي زرداري ليگ بڻجي چڪي آهي .

هن چيو ته پنجاب ۾ جيالا زرداري ليگ کي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ نظرياتي جيالا بينظيرڀٽو جي شهادت کانپوءِ مايوس ٿي پنهنجن گهرن ۾ ويٺل آهن.

صوبائي وزير منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾  چيو آهي ته فنڪشنل ليگ هاڻي ختم ٿي وئي آهي ۽ ايم ڪيو ايم مشرف سان گڏجي چونڊ وڙهندي.

منظور وساڻ جوچوڻ هو ته پ پ مخالف جماعتن جي سنڌ مان تڏا ويڙهه  ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ سميت پوري ملڪ مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي مرڪز ۾ حڪومت ٺاهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*