ايڪويهين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو

ايڪويهين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندي وفاق ۽ چئني صوبن کي ڌر بڻايو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن پاران ايڪويهين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو.

ايڪويهين ترميم کي چيلينج ڪرڻ واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي اها آئيني ترميم بنيادي انساني حقن خلاف آهي، جڏهن ته آئين انساني حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو.

ايڪويهين آئيني ترميم کي چيلينج ڪرڻ واري درخواست ۾ وفاق ۽ صوبن کي ڌر بڻايو ويو آهي.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ايڪويهين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏئي فوجي عدالتن کي ڪم کان روڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*