ميرپورماٿيلو ۾ ايس پي آفيس سامهون آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڊرائيور زخمي ٿي پيو

mirpurmathelo tanker culty

ميرپورماٿيلو ۾ ايس پي آفيس سامهون آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڊرائيور زخمي ٿي پيو، رينجرز ۽ پوليس پهچي ماڻهن کي تيل کڻڻ کان روڪي ورتو آهي.

ايس پي آفيس ڀرسان قومي شاهراهه تي آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيوز گلاب زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن پهچي ماڻهن کي پري پري تائين بيهاري ڇڏيو، جڏهن ته نيشنل هاءِ وي جو  هڪ پاسو روڊ بند ڪيو ويو آهي.

زخمي ٿيل آئل ٽينڪر جي ڊرائيور صحافين کي ٻڌايو ته کيس ننڊ اچڻ جي ڪري حادثو پيش ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*