ٺل ويجهو 10 سال اڳ اغوا ٿيل نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو

thul fazeela sarki ahtjaj

ٺل ويجهو 10 سال اڳ اغوا ٿيل نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو.

نينگري جي والد عبدالرزاق سرڪي ۽ اصغر لاشاري جي اڳواڻي ۾ وارثن ۽ شهرين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

نينگري فضيلا سرڪي جي والد  عبدالرزاق سرڪي چيو ته پوليس توڙي چونڊيل نمائندن ڪيترائي واعدا ڪيا پر ڌي فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائي نه سگهيا آهن.

 هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نينگري فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*