اسلام آباد جي عدالت لال مسجد ڪيس ۾ پرويز مشرف کي 6 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد جي عدالت، لال مسجد جي نائب خطيب غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي کيس 6 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج واجد علي لال مسجد جي نائب خطيب غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالتي حڪم باوجود پرويز مشرف اڄ به پيش نه ٿيو.

ٻڌڻيءَ دوران پرويز مشرف پاران سندس وڪيل اختر شاهه ۽ فريادي پاران ايڊووڪيٽ ملڪ عبدالحق پيش ٿيا.

پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه عدالت ۾ ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽرن پرويز مشرف کي 4 هفتا آرام جو مشورو ڏنو آهي، ان ڪري مشرف سفر نٿو ڪري سگهي.

 اختر شاهه چيو ته سڪيورٽي خدشن سبب پرويز مشرف عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، ان ڪري کيس اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

فريادي جي وڪيل ملڪ عبدالحق دليل ڏيندي چيو ته پرويز مشرف مسلسل 21 هين حاضري تي پيش نه ٿيو آهي ۽ هر ٻڌڻي تي بهانا بڻائي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي، ان ڪري مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.

عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پرويز مشرف جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي کيس 6 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت، آءِ جي اسلام آباد کي حڪم ڏنو آهي ته جيڪڏهن مشرف جي سڪيورٽي لاءِ ڪا درخواست ڏني وئي آهي ته ان حوالي سان ايندڙ ٻڌڻي تي آگاهه ڪيو وڃي، جنهن بعد ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*