عمرڪوٽ ۾ گادي نشين سيد محبوب شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِوارثن ۽ مريدن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

umerkot syed mehbob shah ahtjaj

عمرڪوٽ ۾ گادي نشين سيد  محبوب شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِوارثن ۽ مريدن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

امام بارگاه نور شاهه بخاري جي هفتو اڳ قتل ٿيل گادي نشين سيد محبوب شاھ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ درگاهه جي مُريدن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي نعري بازي ڪئي.

 احتجاج ڪندڙ اشتياق شاهه، علي اڪبر، زمان کوسو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سيد محبوب شاھ کي جوابدار هفتو اڳ بنا سبب جي قتل ڪري فرار ٿي ويو، پر هفتي کانپوءِ به پوليس کيس گرفتار نه ڪري سگهي آھي.

 هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارکي  جلدگرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*