آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاراچنارپهچي ڌماڪي جي متاثرن ۽ قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي

Bajwa-Army-Cheif-19417

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاراچنارپهچي ڌماڪي جي متاثرن ۽ قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي، جڏهن ته پارا چنار ۾ ڌماڪن کانپوءِ متاثرن ۽ شهرين جو 9 ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاراچنار پهچي ڌماڪن ۾شهيد ٿي ويل ۽ زخمين جي وارثن سان ملاقات ڪئي.

آرمي چيف قمر جاويد باجود پارا چنار جي قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪري انهن کي فوج پاران ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي.

پارا چنار ڌماڪن جي متاثرن ۽ شهرين جو واقعي خلاف ڌرڻو نائين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*