پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن لاءِ چئني صوبن جي اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن لاءِ چئني صوبن جي اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.

پيپلز پارٽي جي پارلياماني بورڊ جو اجلاس 3 ڏينهن ڪرائي ۾ جاري رهيو، جنهن ۾ سنڌ مان پيپلز پارٽي جا اميدوار رحمان ملڪ، فاروق نائڪ، سليم مانڊوي والا، اسلام الدين شيخ، انجنيئر گيانچند ۽ سسئي پليجو هوندا.

فاروق ايڇ نائڪ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي چونڊ وڙهندو، جڏهن ته سسئي پليجو عورتن جي مخصوص سيٽ تي اميدوار هوندي.

پنجاب مان نديم افضل چن، سينيٽ لاءِ پ پ جو اميدوار هوندو، جڏهن ته صابر بلوچ بلوچستان مان چونڊ وڙهندو.

ڪي پي ڪي ۾ آخوند زاده چٽان خان ۽ نور عالم پ پ جا سينيٽ لاءِ اميدوار هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*