شڪارپور ويجهو معرفاڻي ۽ لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

shikarpur sachal lund

شڪارپور ويجهو معرفاڻي ۽ لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڳوٺ علي خان ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ محمد سچل لنڊ مارجي ويو، شريف ۽ ڪيهر لنڊ زخمي ٿي پيا آهن.

همايون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ ٻنهي زخمين کي شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو.

مقتول جي وارثن موجب مارفاڻي برادري جي هٿياربندن مال ڦر دوران مزاحمت تي محمد سچل لنڊ کي قتل ڪرڻ بعد شريف ۽ ڪيهر لنڊ زخمي ڪيو آهي.

هنن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث مارفاڻي برادري جي هٿياربندن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*