ٺل ۾ سون واهه ڊسٽري ۾ پاڻي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو

thul ahtjaj

ٺل ۾ سون واهه ڊسٽري ۾ پاڻي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

راڻو بنگلاڻي، غلام علي ۽ دليجان جي اڳواڻي ۾ آبادگارن پريس ڪلب اڳيان ڪوڏرون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته ايس ڊي او آبپاشي سون واهه ڊسٽري جو پاڻي ٻين شاخن جي آبادگارن کي رشوت عيوض وڪرو ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته بار بار دانهون ڪرڻ باوجود ڪو به عملدار ۽ چونڊيل نمائندو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

آبادگارن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سون واهه ڊسٽري جي پڇڙي تائين پاڻي فراهم ڪري ايس ڊي او آبپاشي خلاف قانوني  ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*