ٺٽي شهر سميت ضلعي اندرٻن ڏينهن کان جاري برسات انتظامي ادارن جي پَت وائکي ڪري ڇڏي آهي

thate barish

ٺٽي شهر سميت ضلعي اندرٻن ڏينهن  کان جاري برسات انتظامي ادارن جي پَت وائکي ڪري ڇڏي آهي،  هيٺانهين وارا علائقا برسات جي پاڻي بيهي رهڻ ۽ نيڪال جو نظام تباھ هئڻ ڪري تلائن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، سامونڊي پٽي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، سم نالا ابتا وهي رهيا آهن، ٻن ڏينهن کان بجلي به لاڳيتوبند آهي ۽ انتظامي ادارا غائب آهن.

ٻن ڏينهن کان ٺٽي شهر سميت ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ساحلي پٽي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.

ٺٽو، مڪلي،گجو، ميرپور ساڪرو، غلام الله، ٻُوهارا، ڪيٽي بندر، ٻگھاڻ، گھوڙاٻاري، ڳاڙهو، ڌانڌاري، ور، پيرجو ڳوٺ، بگھاڙ موري، ڇتوچنڊ، فقير جو ڳوٺ، علي بحر، جھرڪ ۽ ٻين علائقن ۾ مينهن جو وسڪارو جاري آهي.

ٺٽي شهر جي ڪچي آبادي، بخاري پاڙي، اسلام پور، آگر پاڙي ۽ شاھ گوهر گنج محلي جا ڪيترائي گھر برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

شاهي بازار توڙي مختلف گهٽين ۽ پاڙن ۾ ميونسپل انتظاميا جي غائب ٿي وڃڻ ۽ نيڪال جو نظام درهم برهم هئڻ ڪري برساتي پاڻي بيهي ويو آهي

ٻئي طرف ضلعي جي ٻين شهرن جي  حالت پڻ برسات کانپوءِ ابتر ٿي وئي آهي، جتي پڻ لاڳاپيل ادارن جي لاپرواهي  سبب رحمت عوام لاءِ زحمت ۾ تبديل ٿي وئي آهي.

جڏهن ته ضلعي جي ساحلي پٽي وارن علائقن جي اڪثر ڳوٺن جو شهرن سان  زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

  ٻئي پاسي ٺٽو آئوٽ فال ڊرين، گھوڙاٻاري آئوٽ فال ڊرين، ٽڪا آئوٽ فال ڊرين ۽ اوچتو آئوٽ فال ڊرين سم نالن جي صفائي نه ٿيڻ ۽ سمنڊ تائين پاڻي جي نيڪال کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم نه کڻڻ سبب سم نالا اُبتا وهڻ لڳا آهن.

وڌيڪ برساتن جي صورت ۾ ڪيترائي علائقا ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. پر انتظاميا ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.

ٺٽي ضلعي اندر بجلي جو نظام پڻ ٻن ڏينهن کان مڪمل طور درهم برهم ٿيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*