نوابشاهه ۾ سَٺ ميل واسي عورت ٻارن ۽ مڙس سان گڏجي ڀائرن ۽ مامي خلاف احتجاج ڪيو

nawabshah protest

نوابشاهه ۾ سَٺ ميل واسي عورت ٻارن ۽ مڙس سان گڏجي ڀائرن ۽ مامي خلاف احتجاج ڪيو.

ڳوٺ سلطان ڏاهري جي رهواسڻ  حاجران ڀيل پنهنجي مڙس سُڌير ۽ ٻن ٻارڙن 3 سالن جي دليپ ۽ ڍيڍ سال جي حرکو  سان گڏ پريس ڪلب پهچي مامي ۽ ڀائرن خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هن ٻُڌايو ته سندس شادي  والدين جي رضا مندي سان 6 سال اڳ ٿي هئي، هاڻي سندس مامو ۽ ڀائر نڪاح ٽوڙائي کيس ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته کيس ۽ سندس مڙس کي  ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن جي ڪري کين جان جو خطرو آهي.

هن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*