سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ڀرتي وارو عمل روڪڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي منع نامو جاري ڪندي

Sindh-high-Court-19417

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ڀرتي وارو عمل روڪڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي منع نامو جاري ڪندي 9 آگسٽي تي جواب گهري ورتو آهي.

3 سئو کان وڌيڪ ڊاڪٽرن پاران نين ڀرتين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

سنڌ حڪومت پاران درخوستگذارن جي اعتراضن تي جواب داخل نه ڪرائڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار رمارڪس ۾ چيو ته سرڪاري وڪيل گذريل ٻڌڻي تي عدالت کي معاملو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي، پر  ائين نه ڪيو ويو آهي.

عدالت حڪم جاري ڪيو ته 9 آگسٽ تائين ڊاڪٽرن جي ڀرتي واري عمل تي وڌيڪ ڪارروائي نه ڪئي وڃي، جواب داخل ڪرايو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان 30 جون تائين درخوسسگذارن جي اعتراضن تي جواب طلب ڪيو هو.

3 سئو کان وڌيڪ ڊاڪٽرن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ ڊاڪٽرن کان ڪميشن جي ٻن باڊيز طرفان انٽرويو ورتا ويا، جڏهن ته سپريم ڪورٽ پاران اڳوڻي ايس پي ايس سي جي چيئرمين سليم ڀنور کي نااهل به قرار ڏنو هو.

درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته 2 هزار 192 خالي جايون هئڻ باوجود وڏي وزير پاران ٽيسٽ پاس ڪندڙ سمورن 6 هزار ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪرڻ جي اعلان ڪيو ويو، پر رڳو 306 ڊاڪٽرن کي ڀرتي کان محروم رکيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*