ڪراچي، ميرپورخاص، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران تيز هوا سان گڏ برسات جو امڪان آهي

rain

ڪراچي، ميرپورخاص، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران تيز هوا سان گڏ برسات جو امڪان آهي، برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا آهن.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 12 ڪلاڪن دوران ڪراچي، ميرپوخاص ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾هلڪي برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران راولپنڊي هزاره، گوجرانوالا، فاٽا، گلگت بلتستان سميت مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو به امڪان آهي.

ڪراچي جي نيو ڪراچي، يونيورسٽي روڊ، لياري، نارٿ ناطم آباد، ڊالميا، جمشيد ٽائون سوسائٽي، لياقت آباد، شاهه فيصل سميت ٻين علائقن ۾ اڃاتائين برسات جو پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري شهرين کي اچ وڃ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، مختلف واقعن ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا آهن.

صوبي جي پهاڙي علائقن ۾ برسات سبب نديون وهي آيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر لڙهي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*