نيويارڪ جي هڪ اسپتال ۾ اڳوڻي ملازم ڊاڪٽر گوليون هڻي هڪ ليڊي ڊاڪٽرکي ماري ڇڏيو

newyork hospital firing

نيويارڪ جي هڪ اسپتال ۾ اڳوڻي ملازم ڊاڪٽر گوليون هڻي هڪ ليڊي ڊاڪٽرکي ماري ڇڏيو، فائرنگ ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.

آمريڪي ميڊيا موجب نيويارڪ جي لبنان نالي اسپتال جي اڳوڻي ڊاڪٽر اسپتال ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ ڊاڪٽر مارجي وئي ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آمريڪي ميڊيا موجب حملو ڪندڙ جوابدار ڊاڪٽر واقعي کانپوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.

اختيارين موجب اسپتال ۾ فائرنگ ڪندڙ ڊاڪٽر جي سڃاڻپ هينري طور ٿي آهي، جيڪو اسپتال جو اڳوڻو ملازم به آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*