پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ ٽيم جي آءِ ٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿي رهيو آهي

panama

پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ ٽيم جي آءِ ٽي جو اجلاس اڄ  ٻيهر ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جو مائٽ طارق شفيع سڀاڻي ٻيهر جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ پاران پاناما بابت جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ٽيم جو اجلاس جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ جي سربراهي ۾ جوڊيشل اڪيڊمي ٿي رهيو آهي.

جي آءِ ٽي وزيراعظم جي مائٽ طارق شفيع کي سڀاڻي طلب ڪيو آهي، طارق شفيع 15 مئي تي پنهنجو پهريون بيان رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي.

جي آءِ ٽي وزيراعظم نواشريف جي نياڻي مريم نواز کي به 5 جولاءِ تي 11 وڳي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جي آءِ ٽي وزيراعظم نوازشريف جي ننڍي پٽ حسين نواز کي 3 جولاءِ ۽ وڏي پٽ حسين نواز کي 4 جولاءِ تي طلب ڪيو آهي.

واضع رهي ته جي آءِ ٽي کي پاناما ليڪس بابت حتمي رپورٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ باقي 8  ڏينهن رهجي ويا  آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*