گهاري ويجهو چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڪُهاڙيون لڳڻ سبب ڀاڳيو قتل ٿي ويو

gharo qatal

گهاري ويجهو چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڪُهاڙيون لڳڻ سبب ڀاڳيو قتل ٿي ويو، وارثن لاش ٺٽو- ڪراچي  قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

ڳوٺ مامون جوکيو ڀرسان ٻاٻڙا روڊ تي چورن براد جوکيو جي گهر ۾ گهڙي چوپايو مال ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي چورن ڪهاڙيون هڻي ڀاڳئي براد جوکيو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس چوپايو مال ڪاهي فرار ٿي ويا.

پوليس  لاش کڻائي گهاري جي اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن لاش کڻي اسپتال اڳيان ٺٽو- ڪراچي قومي شاهراهه تي  رکي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته براد جوکيو ڳوٺ ڀرسان اڪيلو رهندو هو، چور کيس قتل ڪرڻ بعد سندس 15رڍون ۽ ٻڪريون ڪاهي ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو.

بعد ۾ايس ايڇ او گهارو احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*