بهاولپور سانحي ۾ سڙي زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ ڄڻو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو

bahawalpur incidentبهاولپور سانحي ۾ سڙي زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ ڄڻو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 192 ٿي ويو آهي.

بهاولپور جي وڪٽوريا اسپتال جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عامر محمود تصديق ڪندي چيو احمد پور شرقيه آئل ٽينڪر حادثي جي هڪ وڌيڪ زخمي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف به ذاتي مصروفتين سبب بهاولپور جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب جي اطلاعات کاتي موجب، شهباز شريف بهاولپور جو دورو ذاتي مصروفيتن سبب ملتوي ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*