بلديا فيڪٽري سانحي جي 255 متاثرن مان 252 کي معاوضو ڏنو ويو آهي قائم علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته بلديا فيڪٽري سانحي جي 255 متاثرن مان 252 کي معاوضو ڏنو ويو آهي.

وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بلديا سانحي ۾ شهيد ٿيل ٽن ڄڻن جي وارثن ۾ قانوني مسئلي سبب معاوضي جي ادائگي رڪيل آهي.

وڏي وزير چيو آهي ته سانحي جي متاثرن لاءِ وزيراعظم طرفان 4 لک رپيا ۽ سنڌ حڪومت پاران 3،3 لک رپيا ادا ڪيا ويا آهن.

بلديا سانحي ۾ 255 ماڻهو سڙي فوت ٿيا هئا پر ان ۾ ملوث دهشتگردن کي اڃا تائين ڪابه سزا نه ملي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رينجرز جي آءِ ٽي جي رپورٽ پيش ڪندي چيو هو ته فيڪٽري ۾ باهه لڳي نه هئي پر باهه لڳائي وئي هئي، جنهن ۾ هڪ سياسي پارٽي جو گروپ ملوث آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*