جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن بهاولپورسانحي وقت انتطاميا فوري طور قدم کڻي ها ته وڌيڪ جاني نقصان نه ٿئي ها

siraj ul haq

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن بهاولپورسانحي وقت انتطاميا فوري طور قدم کڻي ها ته وڌيڪ جاني نقصان نه ٿئي ها. وزيراعظم ايڏي وڏي سانحي باوجود برن سينٽر جو اعلان نه ڪيو آهي.

بهاولپور جي احمد پور شرقيه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته جيڪڏهن بهاولپور اسپتال ۾ برن سينٽر هجي ها ته احمد پور شرقيه جي سانحي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن پيون.

هن چيو ته وڏن وڏن نعرن باوجود وفاقي حڪومت عام جي حالت تبديل ناهي ڪري سگهي، بهاولپور سانحو بک ۽ بدحالي سبب پيش آيو آهي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته بهاولپور سانحي تي کيس تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.

هن چيو ته غربت ۽ محرومي سبب بهاولپور ۾ ايڏو وڏو سانحو پيش آيو، حادثي وقت فوري طور انتظاميه ذميواريون نڀائي ها ته حياتيون بچي سگهن پيون.

سراج الحق چيو ته سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، وزيراعظم نوازشريف ۽ وڏي وزير شهباز شريف بهاولپور سانحي باوجود برن سينٽرز جو اعلان ناهي ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*