وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام چيو آهي ته خيالي تبديلي وارا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن

ameer muqam

وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام چيو آهي ته خيالي تبديلي وارا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، عمران خان کي مايوسي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو، ڪي پي جو عوام به صوبائي حڪومت کان تنگ ٿي چڪو آهي.

ڪَرڪ ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اميرمقام چيو ته تبديلي جو نعرو هڻندڙن ڪي پي کي  پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، ڪي پي جو عوام وزيراعظم نوازشريف جي قيادت ۾ حڪومت چاهي ٿو.

هن چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير ڪرپشن ۾ ملوث آهي ۽ عمران خان ڪي پي جي ڪرپٽ وڏي وزير  کي نمبر ون قرار ڏنو آهي، جيڪو سازشي نمبر ون آهي.

وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته خيالي تبديلي وارن جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، عمران خان کي مايوسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو، ترقي جو سفر هلندو رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*