موري ويجهو ڏيڍ سال اڳ قتل ٿي ويل ٽيڪسي ڊرائيور جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڪيس خارج ڪرڻ خلاف سندس پٽ طرفان ڀان سيد آباد ۾احتجاج ڪيو ويو

bhan syedabad

موري ويجهو ڏيڍ سال اڳ قتل ٿي ويل ٽيڪسي ڊرائيور جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڪيس خارج ڪرڻ خلاف  سندس پٽ طرفان ڀان سيد آباد ۾احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ ڀنڀڻ جي رهائشي مقتول ٽئڪسي ڊرائيور جئيندو خان خشڪ جي پٽ احران علي خشڪ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ۽ مورو پوليس تي ڪيس لوڙهڻ جو الزام هنيو.

هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو آءِ جي آفيس اڳيان باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*