ڌاٻيجي ويجهو قومي شاهراهه تي موٽر سائيڪل ۽ سوزوڪي پڪ اپ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

Accident-Road-27217

ڌاٻيجي ويجهو قومي شاهراهه تي موٽر سائيڪل ۽ سوزوڪي پڪ اپ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ٻارڙي سميت2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڌاٻيجي چيڪ پوسٽ وٽ سوزوڪي ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾مڪلي واسي ڪرڙ ملاح ۽ عقيب الله پٺاڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

حادثي ۾ عمران ملاح  ۽ 6 ورهين جو اسدالله زخمي ٿي پيا، جن کي ڌاٻيجي ۾ شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*