ڪمزور حڪومت سبب شڪارپور سانحو پيش آيو غوث علي شاهه

ن ليگ جي ناراض اڳواڻ غوث علي شاهه چيو آهي ته ڪمزور حڪومت ڪري شڪارپور سانحو پيش آيو، واقعي جا جوابدار منظر عام تي آڻي شهيدن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ن ليگ جي ناراض  اڳواڻ شڪارپور پهچي دهشتگردي  جو  نشانو بڻيل امام بارگاهه ڪربلا مولا جو دورو ڪيو ۽ شهدا ورثا ڪميٽي سان واقعي تي تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غوث علي شاهه چيو ته ڪمزور حڪومت ڪري شڪارپور سانحي پيش آيو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي معصوم جانيون ضايع ٿي ويون.

هن چيو ته واقعي تي وزير اعظم نواز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه کي واقعي واري هنڌ پهچي شهيدن جي وارثن سان ڏک ونڊڻ گهرجي ها، جيڪو هو ناهن ڪري سگهيا.

هن چيو ته  هنن نواز شريف کي قومي ليڊر بڻائڻ چاهيو پئي، پر هو قومي ليڊر نه ٿي سگهيو آهي.

غوث علي شاهه جو چوڻ هو ته شڪاپور ڌماڪي جي جوابدارن کي منظر عام تي آڻي شهيدن جي  وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*