لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

larkana pre medical pro

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف  پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاهي خان جاگيراڻي ۽ خليل جتوئي جي اڳواڻي ۾ ملازمن اسپتال جي سٽي بلاڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ ملازمن چيو ته چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ملازمن خلاف انتقامي ڪارروائيون شروع ڪري ڏنيون آهن ۽ کين ڪراچي رليو ڪيو آهي.

هنن چيو ته بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود فوتي ۽ سن ڪوٽا سميت ٻيا مطالبا منظور نٿا ڪيا وڃن.

ملازمن مطالبو ڪيو ته چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس هٽائي سندن مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*