دادو جي سول جج سول اسپتال جو اوچتو دورو ڪري معلومات ورتي

dadu judge chapo

دادو جي سول جج  سول اسپتال جو اوچتو دورو ڪري معلومات ورتي، دوائون نه ملڻ ۽ ٻين سهولتن جي اڻهوند جي شڪايتن تي اسپتال انتظاميا کي ڇنڊ پَٽيندي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سول جج دادو خادم حسين چنڊ اوچتو سول اسپتال جو دورو ڪيو، جنهن دوران اڪثر ڊاڪٽر ڊيوٽيءَ تان غير حاضر هئا.

 مريضن ۽ انهن جي وارثن پاران دوائن جي کوٽ ۽ علاج جي ٻين سهولتن جي اڻهوند جي شڪايتن تي  سول جج  اسپتال انتطاميا کي ڇَنڊ پَٽيندي دوائن جي فراهمي يقيني بڻائڻ سان گڏ وارڊن مان صفائي ڪرائڻ  ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*