سيتاروڊ ۾ پوليس طرفان هاف فرائي ڪيل ڳوٺاڻي کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو آهي

dadu half fry

سيتاروڊ ۾ پوليس طرفان هاف فرائي ڪيل ڳوٺاڻي کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس  وارث عورتن ۽ ٻارن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

پوليس پاران ڦورو قرار ڏئي هاف فرائي ڪيل طالب سولنگيءَ کي سخت زخمي حالت ۾ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو.

زخمي طالب سولنگي جي وارث عورتن ۽ ٻارن اسپتال جي گيٽ آڏو پوليس خلاف احتجاج ڪندي نٽهڻ اُس ۾ڌرڻو هنيو، جتي سندس امڙ شريفان بيهوش ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙ مسمات حنيفان سولنگي ۽ وزيران سولنگي دانهيندي چيو ته پوليس طالب کي گهران گرفتار ڪرڻ بعد ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*