دادو ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

dadu pti pro

دادو ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

پي ٽي آءِ اڳواڻن يار محمد شاهاڻي، رفيق احمد ۽ محمد علي شاهاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن عاشق زنئور، محمد عرس شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته وڏيرن جي چوڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته اڳواڻن تي داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيا وڃن.ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*