پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان مختلف جيلن ۾ قيد 546 ماهيگيرن جي فهرست ڀارت حوالي ڪئي آهي

Nafees zakriya

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان مختلف جيلن ۾ قيد 546 ماهيگيرن جي فهرست ڀارت حوالي ڪئي آهي، پاڪستان وڌيڪ 78 ماهيگير هلندڙ مهيني ڀارت حوالي ڪندو.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان 6 جنوري تي 78 ڀارتي شهرين کي حوالي ڪيو  هو.

هن چيو ته 6 جنوري تي 219 ڀارتي ماهيگيرن کي به ڀارت جي حوالي ڪيو ويو هو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان ماهيگيرين جي فهرست به ڀارت حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ 72 عام شهري ۽ 494 ماهيگير شامل آهن.

نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان تمام جلد وڌيڪ 78 ڀارتي ماهيگيرين کي ڀارت حوالي ڪندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*