پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جــَي آءِ ٽي ۾ ايف بي آر رڪارڊ غائب ٿيڻ بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

JIT-PANAMA-9517

پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جــَي آءِ ٽي ۾ ايف بي آر رڪارڊ غائب ٿيڻ بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

جوڊيشل اڪيڊمي اسلام آباد ۾ پاناما ليڪس بابت جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جو اجلاس واجد ضياءَ جي سرابراهي ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ ايف بي آر رڪارڊ گم ٿيڻ بابت جي آءِ ٽي جواب داخل ڪرايو.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته شريف خاندان پرڏيهه ۾ رهائش دوران ٽيڪس ريٽرن جمع نه ڪرايا هئا.

ايف آءِ آر جي جواب موجب، منتقلي دوران رڪارڊ جو ڪجهه حصو غائب به ٿيو.

اجلاس ۾ وزيراعظم جي مائٽ طارق شفيع کان پڇا ڳاڇا لاءِ سوالنامو تيار ڪيو ويو.

جي آءِ ٽي وزيراعظم جي مائٽ طارق شفيع کي سڀاڻي طلب ڪيو آهي، طارق شفيع 15 مئي تي پنهنجو پهريون بيان رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*