پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

Road-Accident-201016

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

بکر ۾  بس ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾  ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي خلاف مڇريل ماڻهن پٿراءُ ڪري بس کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو.

لاهور جي رائيونڊ واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل جي چين ۾ ڪپڙي ڦاسڻ سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ٿي پئي،

حادثي ۾ پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا، جن جا لاش رائيونڊ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس موجب، حادثو موٽرسائيڪل جي چين ۾ ڪپڙو ڦاسڻ سبب پيش  آيو آهي.

راولپنڊي ۾ ريس ڪورس ويجهو گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منقل ڪيو ويو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*