تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس جو لکيل ڪتاب سياسي ۽ عسڪري قيادت جي سهڪار جي شرمناڪ داستان آهي

imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس جو لکيل ڪتاب سياسي ۽ عسڪري قيادت جي سهڪار جي شرمناڪ داستان آهي، ملڪ جي هر فرد کي ڪتاب پڙهي اڳواڻن جي ڪرتوتن کان واقف ٿيڻ گهرجي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ريمنڊ ڊيوس پاران لکيل ڪتاب ۾ عوام کي ڄاڻ ملندي ته ڪهڙي ريت پاڪستانين جي قاتل کي تحفظ ڏنو ويو.

هن چيو ته ريمنڊ ڊيوس جو ڪتاب هر پاڪستاني کي پڙهڻ گهرجي، ان ڪتاب ۾سياسي ۽ عسڪري قيادت جي شرمناڪ داستان بيان ٿيل آهي.

عمران خان چيو ته ڪتاب پڙهڻ سان خبر پوندي ته پاڪستاني عوام جي قوم جي حيثيت سان ٻين ملڪن ۾ عزت ڇو نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*