اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته طاقت پاڻ وٽ رکان ها ۽ قانون ۾ ترميم نه ڪيان ها ته نواز شريف وزيراعظم بڻجي نه سگهي ها

asif zardari

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته طاقت پاڻ وٽ رکان ها ۽ قانون ۾ ترميم نه ڪيان ها ته نواز شريف وزيراعظم بڻجي نه سگهي ها، ميان صاحب پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت بدران مري ۾ جانورن سان کيڏي رهيو آهي، خراب بيضن کي ڪپتان به ٽڪيٽون نه ڏيندو، پ پ جا ننڍا ننڍا خراب بيضا هيڏانهن هوڏانهن وڃن پيا، جن جي ڪابه اهميت نه آهي.

موري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ڪارڪن ڪجهه ڪـــِنن بيضن جي هيڏي هوڏي وڃڻ تي پريشان نه ٿين، ڪپتان به انهن ڪــِنن بيضن کي ٽڪيٽ نه ڏيندو.

آصف زرداري چيو ته ميان صاحب ڊپلوميٽڪ جنگ هارائي رهيو آهي،کيس عالمي سطح تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته ملڪ جو مستقبل رڳو پ پ جي منشور ۾ آهي، بلاول،بختاور ۽ آصفه جي ٽوئيٽ تي بحث يا حمايت کان اڳ سوچڻو پوي ٿو.

آصف زرداري چيو ته ملڪ بابت نئين نسل جي سوچ واضح آهي، اختيار وزيراعظم ڏانهن منتقل نه ڪيون ها ته نواز شريف اڄ وزيراعظم نه ٿئي ها.

هن چيو ته ميان صاحب 4 سالن ۾ 4 ڀيرا اسيمبلي اجلاس ۾ آيو آهي، ميان صاحب کان وڌيڪ محمد خان جوڻيجو قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي هئي، ميان صاحب مري ۾ جانورن سان راند کيڏي رهيو آهي.

آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن اهڙو معيار رهيو ته ٻيو وزيراعظم هڪ ڀيرو  اسيمبلي اجلاس ۾ ايندو يا نه ايندو اها سندس مرضي هوندي.

هن چيو ته چين سان دوستي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي مضبوط ڪئي، اسان ان دوستي کي اڳتي وڌايو آهي.

آصف زرداري چيو ته بلاول ڀٽو 2 سال پهرين ئي چيو هو ته ملڪ ۾ پرڏيهي وزير مقرر ڪيو وڃي، پر حڪمرانن کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*