ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته سي پيڪ سان ڳنڍجڻ عالمي قوتن کي پسند نه آهي

khuwaja saad

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته سي پيڪ سان ڳنڍجڻ عالمي قوتن کي پسند نه آهي، عالمي برادري چاهي ته پاڪستان سدائين پنندو رهي، اهو سلسلو جاري رهيو ته ريمنڊ ڊيوس جهڙن کي آزاد ڪرڻو پوندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته نواز ليگ جي حڪومت جڏهن به ايندي آهي ان کي غير فطري طريقي سان گهر موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

هن چيو ته امپائر جي آڱر مٿي کڻڻي پئي پر هن مٿي نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته هو آئين ۽ قانون جو محفاظ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ سان ڳنڍجڻ عالمي قوتن کي پسند نه آهي، عالمي برادري چاهي ته پاڪستان سدائين پنندو رهي.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهڻ پنڻ واري صورتحال برقرار رهي ته ريمنڊ ڊيوس جهڙن کي آزاد ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته اڄ جيڪي به ڳالهيون ڪري رهيو آهيان،اهي ذاتي خيال آهن.

خواجا سعد رفيق  چيو ته مون ڪڏهن به ڪنهن آمر سان هٿ نه ملايو، مون پرويز مشرف  جي دور ۾ جيل ڪاٽيو.

هن چيو ته عوام کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ ن ليگ قربانيون ڏنيون  آهن ۽ اهڙو لانگ مارچ به ڪيوجنهن ۾ زندگي وڃڻ جا خطرا هئا.

سعد رفيق چيو ته لانگ مارچ نه ڪرڻ لاءِ نواز شريف کي ٻن سفيرن جا فون به آيا هئا.

هن چيو ته آمريت خلاف جدوجهد ڪرڻ تي نواز شريف کي جيل وڃڻو پيو، عدليا جي بحالي واري تحريڪ ۾ سندن ڪيترائي ساٿي جيل به ويا.

سعد رفيق چيو ته اسان لانگ مارچ ۾ وفاقي گادي واري شهر کي مفلوج نه ڪيو هو. اسان آمريت خلاف بنا خوف جي جنگ وڙهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*