بلديا فيڪٽري سانحي ۽ 12 مئي واقعن بابت جي آءِ ٽي رپورٽس عدالت ۾ جمع ڪرايون ويون آهن شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سڌسماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بلديا فيڪٽري سانحي ۽ 12 مئي واقعن بابت جي آءِ ٽي رپورٽس عدالت ۾ جمع ڪرايون ويون آهن ۽ انهن کي غلط چوڻ مناسب نه آهي.

سنڌ اسيمبلي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته جي آءِ ٽي جي وڏي اهميت هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ ٻين ڳجهن ادارن جا عملدار شامل هوندا آهن.

هن چيو ته ڪراچي بلديا سانحي ۽ 12 مئي واقعن بابت جي آءِ ٽي رپورٽس عدالت ۾ جمع ڪرايون ويون آهن ۽ هاڻي فيصلو عدالت کي ئي ڪرڻو آهي.

هن چيو ته جي آءِ ٽي کي غلط چوڻ مناسب نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*