آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۾ ڪي به اختلاف نه آهن راجا پرويز اشرف

پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ مان فاروق نائڪ، رحمان ملڪ، اسلام دين شيخ، سليم مانڊوي والا، گيان چند، لطيف انصاري ۽ سسئي پليجو اميدوار هوندا، راجا پرويز اشرف چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري ۾ ڪي به اختلاف نه آهن.

پيپلز پارٽي جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي، جنهن جو اعلان اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين اڳواڻن بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.

راجا پرويز اشرف چيو ته سنڌ ۾ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي پ پ اميدوار فاروق ايڇ نائڪ هوندو ۽ جنرل سيٽس تي رحمان ملڪ، اسلام دين شيخ، سليم مانڊوي والا، لطيف انصاري ۽ انجنيئر گيان چند چونڊ وڙهندا.

سسئي پليجو عورتن جي مخصوص سيٽ تي پ پ جي اميدوار هوندي، جڏهن ته پنجاب ۾ پ پ اميدوار نديم افضل چن هوندو.

راجا پرويز اشرف چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پ پ اميدوار آخوند زاده چٽان خان، نور عالم ۽ همايون خان هوندا.

راجا پرويز اشرف چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۾ ڪي به اختلاف نه آهن ۽ پارٽي پاران ڪيل فيصلن ۾ مخدوم امين فهيم کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته سينيٽ مان پ پ جا 20 سينيٽر رٽائرڊ ٿيندا ۽ 10 سينيٽر ٻيهر چونڊجڻ جي اميد آهي.

راجا پرويز اشرف چيو ته مجموعي طور 105 اميدوارن سينيٽ چونڊ لاءِ درخواستون ڏنيون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*