سعودي عرب مطالبن جي مڃتا لاءِ قطر کي ڏنل ڊيڊلائين ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي

qater

سعودي عرب مطالبن جي مڃتا لاءِ قطر کي ڏنل ڊيڊلائين ۾  وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊيڊلائين ۾ واڌ ڪويت جي درخواست تي ڪئي وئي آهي.

سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته قطر سندن 13 ئي مطالبا تسليم نه ڪيا ته پوءِ  پابنديون وڌيڪ سخت ٿي سگهن ٿيون.

سعودي سميت 4 عرب ملڪن پاران قطر کي ڏنل 10 ڏينهن واري ڊيڊلائين اڄ ختم ٿي رهي هئي، جنهن ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

قطري حڪمرانن نار ملڪن جي شرطن کي غير قانوني ۽ سندن گهرو معاملن ۾ مداخلت قرار ڏيندي اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي.

ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به سعودي عرب ابو ظهبي ۽ قطر جي حڪمرانن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ٽرمپ ٽنهي ملڪن جي حڪمرانن سان دهشتگردي جي روڪٿام بابت ڳالهيون ڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*