ٺٽي سول اسپتال جي ملازمن اسپتال جو انتظام هلائيندڙ اين جي او جي مُبينا زيادتين خلاف او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

thatta pro

ٺٽي سول اسپتال جي ملازمن اسپتال جو انتظام هلائيندڙ اين جي او جي مُبينا زيادتين خلاف او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پيرا ميڊيڪل عملي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري حاجي ابراهيم سميجي، احمد علي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال کان ڊي سي چوڪ تائين احتجاجي مظاهروڪري نعريبازي ڪي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  مرف جو ملازمن سان رويو نامناسب آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال جو انتظام مرف کان واپس وٺي واپس ٻيهر صحت کاتي جي حوالي ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*