سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

Jamshed-Dasti-5-1-16

سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جي ڏوهه ۾ گرفتار قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پاڪستان عوامي راڄ پارٽي جي سربراهه جمشيد دستي کي سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾پيش ڪيو ويو.

عدالت جمشيد دستي جي ضمانت واري درخواست منظور کيس هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته جمشيد دستي کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن هن آبپاشي کاتي پاران بي بهچ هارين جي زمينن جو بند پيل پاڻي زوري کوليو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*