پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ 18 ڏينهن تائين ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

mustufa kamal

پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ 18 ڏينهن تائين ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جمشيد  دستي کي رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سند 16 مطالبا آهن پر حڪومت ڪو به ڌيان نه پئي ڏئي، هاڻ عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته کين ڇا ڪرڻو آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جي مطالبن ۾ نالن جي صفائي ۽ پاڻي جي فراهمي به شامل آهي، سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته 18 ڏينهن تائين ڌرڻو هنيو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ پي ايس پي سربراهه چيو ته جمشيد دستي کي رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*